اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر جي ڊيجيٽا??يز??شن کي حڪومت جي معاشي سڌارن جي حوالي سان سنگ ميل قرار ڏيندي ڊيجيٽا??يز??شن جي هدفن کي 31 ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ ۽ ٽيڪسيشن کي موثر ۽ تيز بڻائڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معاشي صورتحال ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽا??يز??شن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽا??يز??شن حڪومت جي اهم معاشي سڌارن ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. وزيراعظم اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ ڊيٽا تي ٻڌل حڪمت عملي تي زور ڏيندي چيو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽا??يز??شن جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي، هن ان حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، ايف بي آر چيئرمين، ناڻي واري سيڪريٽري جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته معاشي ٽيم جي ڪوششن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن، فسڪل اسپيس وڌڻ خوش آئنده آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ ٽيڪسيشن کي موثر ۽ تيز بڻائڻ جي هدايت ڪئ??. هن اوڳاڙين کي لاڳو ڪرڻ ۽ ان حوالي سان ٺاهيل حڪمت عملي تي عملدرآمد جي حوالي سان سخت قدمن ۽ ايف بي آر ڊيجيٽا??يز??شن جي حوالي سان اهم ڪمن کي 31 ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئ??. وزيراعظم چيو ته اسمگل ٿيل ٻارڻ جي خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ۽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي جي ڪري پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو نومبر 2024ع ۾ 25 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو ۽ 1.58 ملين ٽن تائين رهيو جيڪو انتهائي خوش آئنده آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ هر سال 15 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو توانائي جي مارڪيٽ ۾ بحالي جي نشاندهي ڪري ٿو. وزيراعظم پيٽرول جي اسمگلنگ جي خلاف وڌيڪ سخت ڪارروائي جي هدايت پڻ ڪئ??. هن چيو ته کنڊ جي برآمد جي وقت سر فيصلي جي ڪري پاڪستان کي 500 ملين ڊالر جو پرڏيهي ناڻو مليو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ايف بي آر جي ڊيجيٽا??يز??شن جي حوالي سان اڳڀرائي بابت بري??نگ ڏني وئي. بري??نگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي ويليو چين جي ڊيجيٽا??يز??شن بابت سمورو ڪم مارچ 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو، شگر انڊسٽري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، سي??نٽ انڊسٽري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جي حوالي سان ڊيزائن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. وزيراعظم سي??نٽ انڊسٽري جي وڊيو ايناليٽڪس هڻڻ جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. بري??نگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل انوائسنگ جي لاءِ سسٽم ڊيزائن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، ننڍي ڪاروبارن جي ڊيجيٽل انوائسنگ جي حوالي سان موبائيل فون ايپلي ڪيشن هن مهيني ج?? آخر تائين مڪمل ڪئ?? ويندي، پرآل جو نئون بورڊ جوڙيو ويو آهي، پرآل جو هارڊ ويئر ۽ ڊيٽا سي??ٽر اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ جي حوالي سان سي??ٽرل اسيسمنٽ يونٽ ڪراچي ۾ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو 31 ڊسمبر 2024ع کان ڪم جي شروعات ڪندو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سي??يٽر اعظم نذير تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئ??.
وزيراعظم پاران ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن حڪومت جي معاشي سڌارن جي حوالي سان سنگ ميل قرار
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste