اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته احتجاج ۽ شهرن کي ??ند ڪرڻ سان ملڪي معيشت کي ??وزانو 190 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، هڙتال يا احتجاج سان معيشت ۽ عوام تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، معيشت استحڪام سان اؤسر طرف گامزن آهي، اهڙي صورت ۾ پاڪستان احتجاج ۽ دهشتگردي کي ??رداشت نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏي??دا??ين. ڪالهه پنهنجي خاص وڊيو پيغام ۾ ناڻي واري وزير چيو ته معاشي بهتري لاءِ ??ڪومت طرفان کنيل قدمن جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا 10.7 ارب ڊالرن پهچي ويا، ملڪي ڪرنسي مستحڪم آهي، پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ٿي رهي آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن جون بقايائون ادا ڪيون ويون آهن، مهانگائيءَ جي شرح 6.9 سيڪڙو جي سطح تي آهي جيڪا 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح آهي ۽ پاليسي ريٽ ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي. حڪومت بئنڪن کان قرض ۾ گهٽتائي ڪئي آهي ته جيئن نجي شعبي کي وڌيڪ قرض ملي. هن چيو ته احتجاج سان ملڪي معيشت کي نقصان پهچي رهيو آهي، هڪ ڏينهن شهر بند ٿيڻ سان تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو، ملڪي معيشت کي وڏي محنت سان استحڪام جي سطح تي آندو ويو آهي ۽ اسان اؤسر طرفان گامزن آهيون پر هڪ ڏينهن جي هڙتال يا احتجاج سان معيشت ۽ عوامي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ملائيشيا جي وزيراعظم پاڪستان جو دؤرو مڪمل ڪيو آهي، سعودي عرب سان هڪ اهم واپاري وفد پاڪستان اچي رهيو آهي، پاڪستان ۾ ايس سي او ڪانفرنس به منعقد ٿي رهي آهي. اهي سڀ سٺيون اڳڀرائيون آهن، جڏهن ته احتجاج ۽ دهشتگرديءَ سبب ملڪي معيشت کي مسلسل نقصان پهچي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ 8 لک ماڻهو گذريل چئن ڏينهن جي احتجاج سبب متاثر ٿيا، جيڪڏهن عوام لاءِ ڳالهه ڪرڻي آهي ته ميز تي ويهي ڳالهيون ڪريو، دڪانن ۽ مارڪيٽن کي ??ند ڪرڻ سان گهڻو نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ناڻي وزارت جي اڪنامڪ ايڊوائيزري ونگ احتجاج سبب نقصان جو ڪاٿو لڳايو آهي، اهو 190 ارب رپيا روزانو آهي، هن وقت ڪلي جي ڊي پي 124 ٽريلين رپيا آهي ۽ ان جو بنياد تي ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ چين جي شهرين تي حملو ٿيو، اسان چين جي حڪومت ۽ عوام جي ڏُک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هي آءِ پي پيز جا اهي انجنيئرز هئا جن سان مان ۽ پاور ڊويزن جي وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري قرضن، ميچيورٽي ۽ ٽيرف ۾ گهٽتائي تي ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين، مان ڀروسي سان چوان ٿو ته هي اهي آءِ پي پيز هئا جن اسان کي چيو هو ته اسان پاڪستان سان گڏ هل??دا??ين ۽ اهڙو حل ڪڍ??دا??ين جنهن سان چين ۽ پاڪستان ٻنهي کي فائدو پهچندو، جن ملڪ جي مدد لاءِ قدم کنيا، مان پرُاميد آهيان ته اهي معاملا اڳيان وڌندا. هن چيو ته معيشت هلي ??ڪي آهي ۽ اسان ايندڙ منزل طرف گامزن آهيون، ان هوندي احتجاج ۽ دهشتگردي کي ??رداشت نٿا ڪري سگهون ۽ نه ئي اسان ان جي اجازت ڏي??دا??ين. منهنجي سڀني کي ??پيل آهي ته ڪنهن اهڙي قدم ۾ حصو نه وٺو جنهن سان معيشت کي نقصان پهچي، ڇاڪاڻ ته اهو سڀني جو نقصان هوندو، اسان پنهنجي معاشي حالت کي مضبوط ڪ??دا??ين.
احتجاج ۽ شهرن کي بند ڪرڻ سان ملڪي معيشت کي روزانو 190 ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2