اسلام آباد-04 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خيرات جو عالمي ڏينھن خميس 5 سيپٽمبر تي ملھايو ويندو. ھر سال سڄي دنيا ۾ خيرات ۽ عطيي سان ماڻھن جون حياتيو?? بچائڻ ۽ بھتري آڻڻ، بيمارين خلاف جھاد، ٻارن جي تحفظ ۽ ھزارين ماڻھن کي اميد ڏيڻ ۾ مدد ملندي آھي. عطيي جي اھ??يت کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن 2012ع ۾ اھ?? ڏينھن عالمي سطح تي ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ھو جنھن بعد ھر سال باقاعدگي سان اھ?? ڏينھن ملھايو ويندو آھي. ھن ڏينھن کي 5 سيپٽمبر تي ملھائڻ جو ھڪ مقصد اهو به آهي ته اهو مڌر ٽريسا جو 5 سپٽمبر تي وفات جو ڏينھن پڻ آھي. جنھن پنھنجي سڄي ڄمار خير جي ڪ??ن لاءِ وقف ڪئي ھئي. ھن ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد مختلف خيراتي ڪ??ن کي اجاگر ڪرڻ آھي. عالمي ڏينھن جي موقعي تي مختلف تقريبون منعقد ٿيڻ ذريعي خيراتي ڪ??ن کي اجاگر ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ ماڻھن کي شامل ڪرڻ جي ترغيب ۽ آگاھي سميت سڄي دنيا ۾ خيراتي ڪ??ن جي مسئلن کي نمايا ڪيو ويندو آھي ته جيئن اسرندڙ ملڪن ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ھنن ڪمن کي وڌ کان وڌ هٿي ڏئي سگهجي. ھڪ تحقيق مطابق هر ملڪ خاص ڪري اثرندڙ ملڪن کي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي صورتحال سبب غربت جھڙين چيلنجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي. اھ?? ئي سبب آھي ته گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ويو آھي ته اهي خيراتي تنظيمن ۽ ماڻھن جي ڪ??ششن ۾ پنھنجو حصو وجھن ته جيئن غربت جي عالمي مسئلن کي منھن ڏنو وڃي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خيرات جو عالمي ڏينھن 5 سيپٽمبر تي ملھايو ويندو
مضمون کا ماخذ : گرم گرم