اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارليامينٽرين کي پاڻ ۾ گڏجي ويهي ميثاق پارليامينٽ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي، پنهنجي ضمير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالها??ين??ي هن چيو ته ايوان جو ماحول سٺو آهي، الله ڪري ته ان ۾ وڌيڪ بهتري اچي. اسان بلاول ڀٽو زرداري، خواجه آصف، اسحاق ڊار، بئريسٽر گوهر، مصطفيٰ ڪمال، محمود خان اچڪزئي ۽ عاطف خان جا ٿورائتو آهيون، اسان کي وسارڻ گهرجي ته ماضي ۾ ڇا ٿيندو رهيو آهي، اسان جي ليڊرشپ چاهي پاڻ ۾ گڏجي ويهي يا نه ??يهي پر ڇا اسان جا پارليامينٽرين پاڻ ۾ گڏجي ويهي ميثاق پارليامينٽ تي اتفاق ??ٿا ڪري سگهون، ڇا اسان بهتري طرف ??ٿا وڃي سگهون. هن چيو ته اسان کي ماڻهن جي حقن ۽ مسئلن جي ڳالهه ٻاهر وڃي ڪرڻ بدران هن ايوان ۾ ڪرڻ گهرجي، پر آئين جي دائري ڪار ۾ رهندي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، جڏهن چيف وهپس جي گڏجاڻي ٿي هئي ان ۾ چيو ويو هو ته حڪومتي اتحاد کي وڌيڪ وقت ملڻ گهرجي پر رڪارڊ مان ثابت ٿيو آهي ته اسان مخالف ڌر کي وڌيڪ وقت ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر هتي نه ڳالها??ين??ي ته ڪٿي ڳالها??ين??ي؟ مون پنهنجي ضمير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، مون قومي اسيمبلي ۾ مٿان قدم کنيا آهن، سيڪيورٽي جي ذميواري سارجنٽ ايٽ آرمز ۽ ان سان گڏ موجود اهلڪارن جي هئي جنهن تي کين معطل ڪيو ويو، سي ڊي اي جي اسٽاف کي معطل ڪيو ويو ۽ کين هتان کان ٽرانسفر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته 17 ڊسمبر 2018ع تي اٽارني جنرل جي آفيس مان خواجه سعد رفيق جي حوالي سان هڪ خط اسان کي مليو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پروڊڪشن آرڊرز جاري ??ٿا ٿي سگهن، اهڙي طرح 22 جون 2019ع ۽ 6 آگسٽ 2019ع تي ب?? اسان کي انهي نوعيت جا خط مليا هئا. هن چيو ته غلط شيءَ ڪنهن شيءَ کي درست نٿي ڪري سگهي، جيڪو به مناسب هوندو مان پنهنجي ذميواري پوري ڪندس ۽ ان واقعي جي تهه تائي?? پهچي ويندس. هن چيو ته مخالف ڌر ۽ حڪومت ٻنهين کي اسپيڪر سان گڏجي ويهڻ گهرجي.
ميثاق پارليامينٽ تي اتفاق ٿيڻ گهرجي، پنهنجي ضمير ۽ ذميواري موجب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری