اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته خساري وارن ادارن جي نجڪاري ڪري ملڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي. اهڙو اظهار هن نجڪاري ڪمي??ن بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري سميت بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ادارن جي نجڪاري بابت اهم معاملن جي منظوري ۽ ڊسڪوز، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري جي معاملن تي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن نجڪاري ٿيندڙ ادارن لاءِ فنانشل ايڊوائيزرز جي مقرري ۽ ٻين فني معاملن تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير، نجڪاري ڪمي??ن بورڊ جي هن وقت تائين جي ڪارڪر??گي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي معيار وارن ادارن کان فنانشل ايڊوائيزرز جي شموليت سٺي ڳالهه آهي. اسان کي قومي مفاد ۾ بهتر کان بهتر ۽ ٺوس فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته قومي خزاني کي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، هاڻي وڌيڪ مالي دٻاءُ جي سٽ س??ي نٿو سگهي، جيڪي ادارا به قاعدن ۽ ضابطن تي پورا لهن ٿا انهن کي نجڪاري جي عمل ۾ ضرور شامل ڪريو. نجڪاري ڪمي??ن بورڊ ٻين معاملن کانسواءِ بورڊ جي گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي منظوري ڏني، بورڊ کي نيويارڪ کان پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل جي فني معاملن ۽ مختلف امڪانن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي.
خساري وارن ادارن جي نجڪاري ڪري ملڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب