پشاور-21 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي بس کي پيش آيل حادثي تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير مدثر ٽيپو سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته متاثرن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي وڃي، ??نهن تي ايران ۾ موجود سفير گورنر کي متاثرن جي هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي آهي. ٻئي پاسي گورنر متاثر خاندانن کي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته حادثي وارو هنڌ قونصل خاني کان 9 سئو ڪلوميٽر پري آهي، پاڪستاني سفير پاڻ امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي، يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي شهادت افسوسناڪ آهي، ??در آصف علي زرداري ان حوالي سان انتهائي ڏک جو ??ظهار ڪيو آهي ۽ صدر پاڪستان سنڌ حڪومت کي حادثي متاثرن جي وارثن سان فوري رابطو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. متاثرن جو ??علق لاڙڪاڻي سان آهي، ??نهن جي وارثن کي ڀرپور حڪومتي تعاون فراهم ڪيو ويندو. گورنر چيو ته بس حادثي جي شهيدن جا مڙهه حاصل ڪرڻ لاءِ صدر زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خصوصي هدايتون جاري ڪيون آهن ۽ بس حادثي تي بلاول ڀٽو زرداري فوري طو?? تي ايراني عملدارن سان پڻ رابطو ڪيو آهي. هن ايراني عملدارن طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري کي به سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي.
خيبرپختونخوا جي گورنر پاران ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس حادثي تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير سان رابطو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج