اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو دائرو و??ائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اس??اق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، انفار??يش?? ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو موجود هجڻ خوش آئنده آهي. هن هدايت ڪئي ته پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو دائرو و??ايو و??ي. وزيراعظم چيو ته عوام کي شهري سهولتن جي فراهمي ۾ آساني جي حوالي سان پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جي طرز تي آپريشنز شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي، چين جو سنگل ونڊو جو نظام اس??ن جي لاءِ مشعل راهه آهي. اجلاس کي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پاڪستان سنگل ونڊو پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان سنگل ونڊو جي ذريعي ملڪ جو 65 سيڪڙو واپار فائدو کڻي رهيو آهي، 11 حڪومتي ادارا ۽ 29 بئنڪون پاڪستان سنگل ونڊو سان ڳنڍيل آهن، پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جي گڏيل قومن جي ڊيجيٽل ۽ سسٽين ايبل ٽريڊ ??يسيلي ٽيشن سروي 2022ع گلوبل سروي ۾ درجابندي خطي جي ملڪن ۾ بهترين رهي.
وزيراعظم پاران پاڪستان سنگل ونڊو ڪمپني جو دائرو وڌائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ