اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مفاد ۾ سي??پڪ??ري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ايس آئي ايف سي جي ذريعي ملڪ ۾ سي??پڪ??ري آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دوري تي آيل سعودي پرڏيهي وزير شهزاده ??يصل بن فرحان آل سعود ۽ وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ منفرد لاڳاپن ۾ گڏيل مفاد ۾ سي??پڪ??ري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي وفد جي پاڪستان جي دوري تي سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون جڏهن ته پوري قوم سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده ??حمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي منتظر آهي، دوري دوران گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اسان هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان سي??پڪ??ري بابت عالمي ماهرن جي مشاورت سان فزيبلٽي تيار ڪ??ي آهي، اڄ جي ڳالهه ٻولهه سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي، سعودي عرب سان اربين ڊالر جي سي??پڪ??ري جا معاهدا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سعودي عرب جي معيار تي پورو لهنداسين، ايس آئي ايف سي شاندار ماڊل آهي جنهن مختصر وقت ۾ بهترين مڪينزم جوڙيو آهي، اسان پنهنجا هدف حاصل ڪنداسين، ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي ۾ آرمي چيف ۽ اهم سياسي شخصيتون شامل آهن، اسان گڏجي پنهنجو مشن مڪمل ڪنداسين، گڏيل منصوبن کي مڪمل ڪري اسان پنهنجو هدف حاصل ڪنداسين. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده ??يصل بن فرحان آل سعود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڀرپور استقبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃون ٿا، سعودي عرب جي وفد جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي. آجياڻي ۾ وفاقي وزير، پارليامينٽ ميمبر، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سميت اعليٰ عسڪري ۽ سول عملدار پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مفاد ۾ سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ