اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي پارليامينٽ پاران ڀارت جي غي??قا??وني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل بابت قانونسازي جي فيصلي کي ڀارتي قبضي کي برقرار ر??ڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم ڪرڻ جو هڪ ٻيو فريب قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ??ه ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل هڪ تڪراري علائقو آهي جنهن جو حتمي فيصلو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻو آهي. هن چيو ??ه ڪو ٻيو ??مل ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جو متبادل نٿو ٿي سگهي. ترجمان چيو ??ه پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي قبضي کي ڪڏهن تسليم نه ڪيو، اسان ڪنهن به اهڙي قدم کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا جيڪو ڀارت جي قبضي کي برقرار رکندو هجي. ترجمان وڌيڪ چيو ??ه 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪ طرفي ۽ غي??قا??وني قدم ۽ ان کانپوءِ جي ڪيترن ئي قدمن جو مقصد ڀارت جي غي??قا??وني طور تي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، پاڪستان انهن قدمن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ ان کي رد ڪري ٿو ڇو ته اهي ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪ??ي ڇڏيندا. ترجمان چيو ??ه اهي قدم عالمي انساني قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي پڻ واضح خلاف ورزي آهن، ڀارت کي انهن غي??قا??وني ۽ هڪ طرفي قدمن کي واپس وٺڻ گهرجي، ??ال??ريل ڪشمير جي ماڻهن کي ريليف ڏيڻ گهرجي ۽ امن ۽ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ مثبت ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ??ه پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڀارتي پارليامينٽ جو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل بابت قانونسازي جو فيصلو هڪ ٻيو فريب قرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج