راولپنڊي -21 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي، ته امن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي ۽ مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. هو اسٽرائيڪ ڪو?? جي ڪو?? سطح جي اجتماعي تربيتي مشق جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. مشق جو مقصد جارحاڻي آپريشنل تصور کي جانچڻ آهي. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جديد ترين وي ٽي-4 ٽ??نڪ?? سان ليس آرمڊ فارميشن جي قيادت ۾ ڪيل پيچيده مشقن جو هڪ متاثر ڪندڙ مظاهرو به ڏٺو. جنرل سيد عاصم منير مشق ۾ حصو وٺندڙ فوجي جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن جذبي، عملي ڪارڪردگي ۽ پيشيواراڻي مهارت جي و??کا?? ڪئي. آرمي چيف ڊگهي مدي وارن خطرن جو جواب ڏيڻ لاءِ جنگي تياري ۽ ذهني صلاحيت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن تيزي سان بدلجندڙ خطرن جي ماحول کي نظر ۾ رکندي مختلف هٿيار حاصل ڪرڻ جي اهميت تي روشني وڌي. هن رات جي آپريشنز ۾ حاصل مهارت جي به و??کا?? ڪئي. آرمي چيف ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته امن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي، مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ڏئ?? سگهي ٿي. ان کان اڳ آمد تي ڪمانڊر منگلا ڪو?? آرمي چيف جو استقبال ڪيو.
امن جي وقت ۾ رڳو حقيقت پسنداڻي، مشن تي ٻڌل تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي: آرمي چيف
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن