اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سا?? بلغاريه ۾ پاڪستان جي نام??د سفير مدثر چوڌري ملاقات ڪئي. صدر جو پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ سياسي ۽ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زو?? ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ تي زو?? ڏيندي چيو ته پاڪستان بلغاريه سا?? لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو. پاڪستان بلغاريه سا?? گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته نئون نام??د سفير ٻنهي ملڪن جي چيمبرز ۽ ڪامرس جي وچ ۾ اداراجاتي رابطو قائم ڪرڻ تي ڪم ڪندو. صدر فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا سا?? تعليمي شعبي ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ، پاڪستان ۽ بلغاريه جي يونيورسٽين جي وچ ۾ حصيداري جي عمل کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زو?? ڏنو. صدر عارف علوي مدثر چوڌري کي بلغاريه ۾ پاڪستان جي سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
صدر سان بلغاريه ۾ پاڪستان جي نامزد سفير مدثر چوڌري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha