اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر پاران آڪٽوبر مهيني ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت سالياني آگاهي مهم جاري آهي جنهن جو مقصد پاڪستاني عورتن جي ان موذي مرض سان موت جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لا??ِ باقاعده اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه علوي گذريل چئن سالن کان ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لا??ِ ڪم ڪري رهيا آهن. هن سال آگاهي مهم ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جو پاڻ مع??ئن??، جلد تشخيص ۽ وقت سر علاج کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي تعاون سان ايوان صدر بريسٽ ڪينسر بابت معلوماتي ۽ تعليمي مواد کي بروشرز ۽ بينرز جي شڪل ۾ تيار ڪيو آهي. اها معلومات صدارتي آفيس جي ويب سائيٽ: http://president.gov.pk/breast-cancer-awareness-printing-material-2 تي دستياب آهي. ڇاتيءَ جو ڪينسر هڪ عالمي مسئلو آهي، ان مرض جي شرح پاڪستان ۾ ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جنهن جي ڪري ساليانو 40000 ??وت ۽ اٽڪل 100000 ??وان ڪيسز سامهون اچن ٿا. ماهرن موجب آگاهي ۾ اضافي ۽ باقاعدگي سان اسڪريننگ کي فروغ ڏيڻ سان موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پاڪستاني عورتن جون زندگيون بچائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.
ايوان صدر پاران آڪٽوبر مهيني ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت سالياني آگاهي مهم جاري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری