اسل??م آباد – 14 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فر??نس جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران فر??نس جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فر??نسيسي جمهوريه جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي نالي پنهنجي خط ۾ چيو ته پاڪستان ۽ فر??نس جي وچ ۾ خوشگوار لا??اپا آهن، ٻنهي ملڪن جا لا??اپا گڏيل اعتماد، گڏيل موقف ۽ ڊگهي فورمز تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته فيبروري ۾ صحيحون ڪيل ٻطرفي تعاون جي روڊ ميپ سان واپار، عوامي رابطن، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ توانائي جهڙن شعبن ۾ ڊگهي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر يقين ظاهر ڪيو ته صدر ميڪرون جي متحرڪ قيادت ۾اسان پنهنجي ٻطرفن لا??اپن کي گڏيل فائدي جي لاءِ اعليٰ سطحي تي کڻي وينداسين. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ فر??نس جي صدر لاءِ سٺي صحت، فر??نس جي عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحا??ي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
صدر پاران فرانس جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران فرانس جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : sorteios quina