اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زرعي ترقياتي بئنڪ جي اسسٽنٽ نائب صدر کي عورتن کي هراسان ڪرڻ تي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکندي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي فيصلي جي خلاف جو??بد??ر جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسسٽنٽ نائب صدر (جو??بد??ر) تي عورت آفيسر کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو هو. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران جو??بد??ر تي هنيل 5 لک جي ڏنڊ کي وڌائي 6 لک رپيا ڪري ڇڏيو. صدر معاملي تي زرعي ترقياتي بئنڪ جي درخواست کي پڻ رد ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته جو??بد??ر هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪارروائي ۾ ڪنهن بي ضابطگي جي نشاندهي ۾ ناڪام رهيو، معاملي تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪارروائي ثبوتن جي صحيح جانچ تي ٻڌل آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ آئين، قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جو پيغام چٽو ۽ واضح آهي، اسان هڪ اهڙو معاشرو چاهيون ٿا جتي عورتن کي ڪم ڪرڻ جي آزادي هجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهڙي معاشري جو قيام چاهيون ٿا جتي سمورين عوامي جاين تي عورتن جي لاءِ محفوظ ماحول هجي. صدر چيو ته شڪا??ت ڪندڙ کي قانون ۽ قاعدن جي سراسر خلاف ورزي ڪندي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو، عورت شڪا??ت ڪندڙ جي خلاف ڪا باقاعده انڪوائري نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو ويو. صدر چيو ته متاثر عورت جي برطرفي جو حڪم غيرقانوني اهي، برقرار نه ٿو رهي سگهي، شڪا??ت ڪندڙ اڃا به بئنڪ جي ملازم آهي، اڄ تائين پنهنجي سمورن فائدن جي حقدار آهي، جو??بد??ر جنسي هراسمينٽ جي الزام تي شڪا??ت ڪندڙ کان جرح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. صدر چيو ته شڪا??ت ڪندڙ پاران پيس ڪيل ثبوت ڀروسي جوڳا لڳي رهيا آهن. تفصيل موجب گوجرانوالا ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جي برانچ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت آفيسر جو??بد??ر جي خلاف هراسان ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي، عورت الزام هنيو ته جو??بد??ر جي آفيس ان جي آفيس جي ويجهو هئي، موبا??يل فون تي ان جي وڊيوز رڪارڊ ڪندي پڪ??يو ويو. شڪا??ت ڪندڙ حلفنامو پيش ڪيو ته جو??بد??ر ان کي جنسي طور تي هراسان ڪيو ۽ جسماني طور تي ڇُهيو. جرح ۾ جو??بد??ر جنسي هراسمينٽ جي مخصوص الزام تي ڪو سوال نه ڪيو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب پنهنجي فيصلي ۾ جو??بد??ر کي شڪا??ت ڪندڙ کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جو ڏوهاري قرار ڏنو هو.
صدر پاران زرعي ترقياتي بئنڪ جي اسسٽنٽ نائب صدر جي عورتن کي هراسان ڪرڻ تي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔