اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب هٿياربند ماڻهن پاران اينڪر پرسن شفا يو??فزئي جي گهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ گهريلو ملازمن تي تشدد جي شديد مذمت ڪئي آهي. اينڪر پرسن شفا يو??فزئي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، پوليس کي جوابدارن جي جلد گرفتاري جي هدايت ڪئي وئي آهي. هن شفا يو??فزئي ۽ سندس گهرڀاتين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شفاف يو??فزئي اطلاعات واري وفاقي ??زير ٻڌايو ته واقعي جي وقت هو گهر ۾ موجود نه هئي، جوابدارن گهريلو ملازمن تي تشدد ڪيو ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏئي هليا ويا. شفاف يو??فزئي ٻڌايو ته جوابدار گهر جي اندر داخل نه ٿي سگهيا ۽ فرار ٿي ويا. اطلاعات واري وفاقي ??زير چيو ته اهڙي طرح جي واقعن جو خاتمو ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن