اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد ??لث??ني سان پ??هنجي ملاقات کي انتهائي نتيجاخيز قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان پ??هنجي بهترين ٻطرفن لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حيثيت جي اڳئين سط?? تائين وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اسان جي معيشت جي مختلف شعبن ۾ قطر پاران 3 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد ??لث??ني جا ٿورا مڃيا. واضح رهي ته ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڪالهه اربع ڏينهن دوحه ۾ ديوانِ اميري ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ هنن پاڪستان قطر ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی