اسلام آباد – 18 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گلگت بلتستان هر لحاظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي، هتي سياحت جا وسيع موقعا موجود آهن، ج??هن جي تيز ترين ترقي جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. ايوان صدر مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب گلگت بلتستان اسيمبلي جي ميمبرن سان ملاقات دوران صدر چيو ته هڪ سٺي حڪومت جي اها سڃاڻپ آهي ته اها ترقي جي سفر ۾ تيزي سان اڳتي وڌي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون پاڪستان جي ترقي بابت پراميد آهيان، ڪورونا وائرس جي وبا ۾ به اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي، اس??ن ۾ هر لحاظ کان اڳتي وڌڻ جي صلاحيت موجود آهي ۽ ملڪ جو مستقبل روشن آهي. صدر چيو ته گلگت بلتست??ن ۾ سياحت ۽ ٻئي ميد??ن ۾ وسيلن جي ڀيٽ ۾ هنرمند ماڻهن جي کوٽ آهي. ان لاءِ ا??هن وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ عل??ئق?? کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ هنرمند ماڻهن جي ض??ورت پوندي. بلتستان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري بابت صدر چيو ته عل??ئق?? ۾ معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۽ يونيورسٽي ۾ پيشيواراڻي قيادت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ انتهائي قابل، اهل ۽ موزون شخصيت جي مقرري ڪئي ويندي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ گلگت بلتستان جي ٻين ضلعن ۾ به ميمبرن جي مطالبن کي نظر ۾ رکندي قراقرم يونيورسٽي ۽ بلتستان يونيورسٽي جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا. صدر گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ ضروري وسيلن جي فراهمي جي ض??ورت تي پڻ زور ڏنو. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جو وڏو وزير ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جا ميمبر جن ۾ حڪمران ۽ مخالف ڌر پارٽين جا ميمبر پڻ موجود هئا.
گلگت بلتستان هر لحاظ کان پاڪستان جو هڪ زرخيز خطو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ