اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صد?? ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي تاريخي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفا??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني پڻ دوري ۾ وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ روس جي صد?? پيوٽن جي وچ ۾ ملاقات هن دوري جو اه?? ترين جز هوندو. وزيراعظم عمران خان ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سان اه?? روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري پڻ ملاقات ڪندا. صد?? پيوٽن سان ملاقات ۾ وزيراعظم عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ملاقات ۾ روس پاڪستان لاڳاپن خاص طور تي توانائي جي شع??ي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ ايندي. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏهاڪن کانپوءِ روس جو دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني وزيراعظم آهي.
وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏينهن جي تاريخي سرڪاري دوري تي روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز