اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران مختلف موبائيل ڪمپنين پاران وڌيڪ ??سپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي، موبائيل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي وڌيڪ ??هتري جي حوالي سان اسپيڪٽرم نيلامي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وا??ي وفاقي وزير سيد امين الحق، صنعت وا??ي وفاقي وزير محمد حماد اظهر، ناڻي وار?? صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽر??ن، پي ٽي اي جي چيئرم??ن، فريڪوينسي ايلوڪيشن بورڊ جي چيئرمين شڊرڪت ڪئي. وزيراعظم کي مختلف موبائل ڪمپنين پاران نيٽ ورڪ کي وڌيڪ ??هتر بڻائڻ جي حوالي سان هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته موبائل نيٽ ورڪس ۽ انٽرنيٽ سروسز جي بهتري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ جي سروسز جي بهتري تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم مختلف ڪمپنين پاران وڌيڪ ??سپيڪٽرم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته اسپيڪٽرم جي وڪري جو عمل انتهائي شفاف طريقيڪار ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروسز جي بهتري لاءِ اسپيڪٽرم نيلامي بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil