اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريش?? سينٽر جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عم?? جي صدارت ۾ ٿيو. فورم کي عيدالاضحيٰ تي جانور جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان عملدرآمد ۽ خاص ??ور تي خلاف ورزين بابت بريفنگ ڏني وئي. مختلف صوبن ۾ حفاظتي تدبيرن جون خلاف ورزيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. فورم کي ٻڌايو ويو ته پوري پاڪستان ۾ جانورن جي غيرقانوني منڊين کي بند ڪيو ويو، ڏنڊ هنيا ويا ۽ قانوني ڪارروائي به ڪئي وئي. فورم ۾ شاپنگ پلازه، سبزي منڊين ۽ جانورن جي منڊين ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خلاف ورزين جي مشاهدي تي بريفنگ ڏني وئي. اسد عم?? چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب اسان کي هي عيد سادگي سان ملهائڻ گهرجي. عيد تي تفريحي جاين جو رخ نه ڪيو وڃي ۽ عيد تي ميڙ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته نماز ۾ سماجي فاصلن ۽ ڏنل هدايتن تي عمل سان وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. اسد عم?? چيو ته جانورن جي منڊين ۾ حفاظتي تدبيرن کي هر ممڪن يقي??ي بڻايو ويندو.
وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی