اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان امن عمل اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، بين الافغان ڳالهين تي راضپو ۽ ڳالهين واري ٽيمن جو اعلان خوش آئنده آهي، ??نه?? ڳالهين سان افغانستان ۾ مستقل ۽ پائيدار امن جي راهه هموار ٿيندي. اها ڳالهه هن افغان امن عمل بابت آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏي??ي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران خطي جي صورتح??ل، افغان امن عمل جي حوالي سان خاص طور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. افغان مفاهمتي عمل بابت خاص نمائندي ايمبيسڊر زلمي خليل زاد ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيندڙ دهشتگردي جي حملي تي پرڏي??ي وزير سان افسوس جو اظهار ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران وقت سر ??ارروائي ۽ جوانن جي مثالي جرئت کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان