دبئي _04 آڪٽوبر (اي پي پي) دبئي ۾ پيدا ٿيندڙ سمورن ٻارن کي لرنر پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ناليج اينڊ هيومن ڊويلپمنٽ اٿارٽي (ڪي ايڇ ڊي اي) اعلان ڪيو آهي ته هاڻي دبئي ۾ هر نئين ڄاول ٻار کي سندس تعلي??ي رڪارڊ کي پورو ڪرڻ ۽ والدين کي پنهنجي ٻارن جي تعليم بابت باخبر ۽ ف??صلو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ لرنر پاسپورٽ جاري ڪيو ويندو. اهو ??ظام دبئي هيلٿ اٿارٽي جي سهڪار سان لاڳو ڪيو ويندو. ڪي ايڇ ڊي اي جي ڊائريڪٽر جنرل عائشه ميران چيو ته لرنر پاسپورٽ جو مقصد هر ٻار جي تعليم جي حق جي ضمانت ڏيڻ آهي. اهو ??ازمي اسڪول جي عمر جي ٻارن کي رجسٽرڊ ڪندو ۽ سندن نگراني ڪندو ته جيئن اسڪول ۾ داخلا کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي سگهجي ته ڪو ٻار تعليم کان محروم نه رهي سگهي. هن چيو ته دبئي ۾ سمورن ٻارن بابت ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته جيئن اهو ??قيني بڻائي سگهجي ته ڇا هو تعليمي نظام ۾ داخل آهن. جڏهن هڪ ٻار پيدا ٿئي ته کيس سسٽم ۾ داخل ڪيو وڃي ته جيئن اسان دستياب تعليمي مرحلي کي واضع طور تي سمجهي سگهون.
دبئي ۾ پيدا ٿيندڙ سمورن ٻارن کي لرنر پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی