اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته عدالتن ۾ اوڳاڙين جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ??ئي وي??دي، غريب عوام کي ٽيڪس جو وڌيڪ بار وجهڻ جي بدران باقيدارن کان ٽيڪس وصول ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان لينڊ روينيو جي اپيليٽ ٽربيونلز جي معاملن تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي عدالتن ۾ التوا هيٺ اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايف بي آر اوڳاڙين جي ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. وزيراعظم اپيليٽ ٽربيونلز ان لينڊ روينيو ۾ عالمي معيار جي افرادي قوت کي سُٺي پگهار، مراعتن ۽ پيشيواراڻي ٽيلينٽ جي بنياد تي مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن حڪم ڏنو ته اپيليٽ ٽربيونلز ۾ بهترين ٽيلينٽ کي مقرر ڪري اوڳاڙين جا ڪيس فوري حل ڪيا وڃن، ان ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ??ئي وي??دي. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم ??ان ايف بي آر اوڳاڙين تي ڪم تيزي ??ان جاري آهي. تازو ئي مون ڪراچي ۾ فيس ليس اسيسمنٽ نظام جاري ڪيو، جديد خودڪار نظام ??ان ڪرپشن جو خاتمو ۽ ڪسٽمز ڪليئرنس جي لاءِ گهربل وقت ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ٿي. ملڪ ۽ قوم جي هڪ هڪ پئسي جو تحفظ ڪنداسين، ٽيڪس نه ??يندڙن کان ٽيڪس وصول ڪنداسين، نه وري غريب عوام تي ٽيڪس جو بار وجهنداسين. اجلاس ۾ و??يراعظم کي ان لينڊ روينيو اپيليٽ ٽربيونلز جي سڌارن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو وي??. وزيراعظم سڌارن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، اٽارني ج??رل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران ايف بي آر کي عدالتن ۾ اوڳاڙين جي التوا هيٺ ڪيسن کي جلد کان جلد اڪلائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل