اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پ?? پي) پرڏيهي آفيس جي ??رج??ا?? ممتاز زهره بلوچ چ??و آهي ته پاڪستان هلندڙ سال دوران ڪشميري عوام جي لاءِ سمورن ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي آواز اٿاريو، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي خاتمي، ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جو ??طا??بو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري پارٽين تي پابندي جي ڀارتي عملدارن جي فيصلي جي مذمت ڪئي ۽ ڪشميري ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي آزادي جو ??طا??بو ڪيو. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي فورمز تي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته 15هين اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۽ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 50هين اجلاس ۾ ڪشمير ڪاز جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪندي ڪيتريون ئي قراردادون منظور ڪيون ويون. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي او آءِ سي جي رابطا گروپ جا ٽي اجلاس هن سال مئي، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ ٿيا. ??رج??ان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ هر ممڪن سياسي ۽ سفارتي ڪوششون جاري رکندو.
پاڪستان هلندڙ سال دوران ڪشميري عوام جي لاءِ سمورن ٻطرفن ۽ علائقائي فورمز تي آواز اٿاريو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste