اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) قازخستان ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ شين ۽ مشينري جا ڊسپلي سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سيڙپڪاري ۽ نجڪاري بورڊ طرفان ??اري بيان مطابق اهو فيصلو وفاقي وزير عبدالعليم خان ??ي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ قازخستان ??ي سفير يرزهان ڪستافن خاص شرڪت ??ئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ قازخستان هڪ ئي ڇِت هيٺيان ڪاروباري ڪميونٽي کي وڏي پيماني تي سهولتون فراهم ۽ آئينده ٽن سالن ۾ ٻه طرفي واپار جي ڳاڻيٽي ۾ 100 سيڪڙو اضافو ڪندا. هن چيو ته مختلف شهرن ۾ وڃڻ بجاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن جي ضرورتن کي هڪ ئي مرڪز ۾ پورو ڪنداسين. ان موقعي تي قازخستان ??ي سفير پاڪستان ۾ ڊسپلي سينٽرز جي قيام ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ ٽيڪسٽائل، سرجيڪل اوزارن، اسپورٽس گڊز، هينڊي ڪرافٽ، ليدر مصنوعات ۽ـ زرعي اوزار شوڪيس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان قازخستان ??ان هڪ سال ۾ پنهنجي روانگي واپار ۾ 20 سيڪڙو اضافي ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻين وچ ايشيائي ملڪن سان ??ه گڏيل ڪاروباري حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. هن چيو ته هر ملڪ ۾ گهرج مطابق اُتي جي ڊسپلي سينٽرز لاءِ پاليسي جوڙينداسين. قازخستان ??ي سفير وفاقي وزير عبدالعليم خان ??ان ٻه طرفي سهڪار ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي ٿورو مڃيو.
وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔