اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر م??مد نواز شريف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ پنجاب هائوس ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي ا??واڻن مهانگائي جي شر?? 32 ??ان 6.9 سيڪڙو ٿيڻ، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ۽ معاشي بهتري تي اطمينان جو ا??هار ڪيو. مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب ??وجب ٻنهي ا??واڻن معاشي انڊيڪيٽرز ۾ مسلسل بهتري، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين طرفان رڪارڊ 8.8 ارب ڊالر ڏيهه موڪلڻ تي اطمينان جو ا??هار ڪيو. ٻنهي ا??واڻن چيو ته پاڪستان ۽ عوام کي رليف ملڻ جي رفتار وڌڻ خوش آئنده آهي. ٻنهي ا??واڻن سعودي سيڙپڪار وفد جي آمد، ايس سي او منعقد ٿيڻ جي به آجيان ڪئي ۽ چيو ته اهي سموريون سرگرميون پاڪستان جي عالمي وقار ۽ معاشي بهتري لاءِ نهايت مثبت اڳڀرائي آهي. ان موقعي تي م??مد نواز شريف چيو ته وقت ثابت ڪيو ته 2006ع ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحيون ڪرڻ اسان جو درست رخ ۽ درست وقت تي تاريخي فيصلو هو. ميثاق جمهوريت سان ملڪ ۾ جمهوريت کي استحڪام مليو، پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ شروع ڪيو. ميثاق جمهوريت جي نتيجي ۾ ڌرڻا، انتشار ۽ ڪاهه ڪرڻ جي سياست ڪندڙ غير جمهوري قوتن جو سمورين سياسي پارٽين گڏجي مقابلو ڪيو. هن چيو ته سڀني جمهوري قوتن کي گڏجي پارليامينٽ ذريعي عدل جو نظام جوڙڻو آهي. اهڙو انصاف جو نظام ٺاهڻو آهي جنهن ۾ ڪنهن فرد جي بالادستي نه هجي پر عوام جي راءِ ۽ ادارن جو ا??ترام هجي ته جيئن ڪنهن هڪ شخص کي اها طاقت ۽ اختيار حاصل نه هجي جيڪو بهترين جمهوري نظام کي جڏهن چاهي پٽڙي تان لاهي ڇڏي. ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته فرد واحد ملڪ ۽ قوم کي انڌيرن جي حوالي ڪري ڇڏي. هن چيو ته اڄ حاصل ٿيل معاشي ڪاميابين جو بنياد به سياسي اتحاد ۽ اتفاق آهي. ميثاق جمهوريت ۾ خواهش ظاهر ڪئي وئي هئي ته سموريون قوتون گڏجي پاڪستان کي معاشي استحڪام ڏين جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان خوشحالي ٿئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ اوهان ميثاق جمهوريت جي شڪل ۾ ملڪ کي ا??تي وڌائڻ جو تاريخي قدم کنيو. ان سفر کي ا??تي وڌائڻ جي ضرورت آهي. نواز شريف چيو ته سياسي رواداري، اخلاق، آئين ۽ قانون ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ اسان گڏ آهيون، ارڙهين ترميم ادارن کي مضبوط ڪيو هو. م??مد نواز شريف بلاول ڀٽو جي سياسي ڪردار کي ساراهيو ۽ شاباش ڏني. بلاول ڀٽو زرداري ميان نواز شريف کي چيو ته اوهان جي سياسي ويزن، سوچ ۽ تجربي جو تمام گهڻو قدر ڪريان ٿو، ملڪ ۽ قوم کي اوهان جي سياسي تجربي، سوچ ۽ پوليٽيڪل ويزن جي ضرورت آهي.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وچ ۾ ملاقات، ٻنهي اڳواڻن پاران مهانگائي جي شرح 32 کان 6.9 سيڪڙو ٿيڻ، پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ۽ معاشي بهتري تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ