اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پوليو بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشا رضا فاروق چيو آهي ته ??لڪ جي 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائر?? موجود آهي، پوليو روڪٿام مهم ڪاميابي سان جاري آهي ۽ سڄي ??لڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. جمعي ڏينهن صحت واري وزارت طرفان جاري بيان م??اب?? عائشا رضا فاروق چيو ته پوليو وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليو مهم ڪاميابي سان جاري آهي. جاري پوليو مهم ۾ سڄي ??لڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پوليو پروگرام جو نئين سر جائزو وٺڻ کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي. وف??ق ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان پوليو جي خاتمي جو حتمي پلان جوڙيو آهي. پلان م??اب?? سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ 3 مهمن ذريعي وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن وقت 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائر?? موجود آهي. ڪوالٽي وارين 03 پوليو مهمن ذريعي ان وائرس جي پکيڙ کي روڪي محدود ڪري ڇڏينداسين. عائشا رضا فاروق چيو ته سيپٽمبر مهم جي هدف م??اب?? 2 لک 85 هزار پوليو ورڪر گهر گهر پوليو مهم ۾ سمورن ٻارن جي ڪوريج کي يقيني بڻائي رهيا آهن، وڌيڪ ٻه مهمون آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ منعقد ڪيون وينديون. ٿڌي موسم ۾ سائنٽيفڪ حڪمت عملي سان ان جو خاتمو ڪنداسين. جون 2025 تائين بهترين حڪومت عملي سان پوليو تي ضابطو آڻينداسين.
پوليو روڪٿام مهم ڪاميابي سان جاري آهي: عائشا رضا فاروق
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا