اسلام آباد-09 آگسٽ (اي پي ??ي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احم?? المالڪي ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ سعوديه لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي گهرو وزير سعودي ??ين??ڙ پينو فقيرن خلاف ڀرپور ڪارروائي جي خاطري ڪرائي. هن ٻڌايو ته ايف آءِ اي کي پينو فقيرن کي سعودي عرب موڪلڻ ۾ ملوث مافيا خلاف به سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جو حڪم ڏئ?? ڇڏيو آهي. هن چيو ته اها مافيا پاڪستان جي سڃاڻپ کي خراب ڪري رهي آهي. سعودي عرب اسان لاءِ بي پناهه عقيدت ۽ ا??ترام جو محور آهي، سعودي عرب هميشه ملڪ ۾ پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. ان موقعي تي سعودي عرب جي سفير جو چوڻ هو ته پاڪستان سان ڀائرن جهڙا لاڳاپا آهن.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا