اسلام آباد-22 جولاءِ (اي پي پي)نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ڪويت جي سفير عبدالرحمان جاسر المطيري ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪويت ۽ پاڪستان وچ ۾ ”جي ٽو جي“ ۽ ”بي ٽو بي“ جي بنياد تي منصوبن ۾ حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ڪويت جي سفير عبدالرحمان جاسر المطيري وچ ۾ وڌيڪ جامع انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير ڪويت ۽ پاڪستان ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي ??ال??يون ڪيون. ان موقعي تي ڪويت جي سفير چيو ته پاڪستان جي معيشت جي مضبوطي ۽ گڏيل حصيداري ۾ هر ممڪن تعاون ڪند??سي??. ڪويت جي سفير خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪويت جا پاڪستان سان لاڳاپا اهميت رکندڙ آهن. سمورن م??اه??ن کي پڄاڻي تي پهچائيند??سي??. ڪويتي ادارن طرفان سمورن م??اه??ن جي وقت سر تڪميل يقيني بڻائيند??سي??. ڪويت جي سفير وفاقي وزير سان ??ال??ائيندي چيو ته ڪويت مستقبل ۾ پاڪستان سان ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ڪويت جي سفير وفاقي وزير عبدالعليم خان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اوهان جي هاڻوڪي ڪويت جي دوري سان لاڳاپن کي هٿي ڏ??ڻ ۾ مدد ??لي.
وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ڪويت جي سفير عبدالرحمان جاسر المطيري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado