اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ايران جي نئين چونڊيل ??در ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي کيس دلي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جمهوري عمل جي ذريعي نئين صدر جي چونڊ تي کيس ۽ ايران جي ڀائر عوام کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڀائر پاڙيسري ملڪن جي ح??ثيت سان پاڪستان ۽ ايران گڏيل ??اريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل ??هن. ايران جي نئين چونڊيل ??در جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ واپار، توانائي ۽ علائقائي سلامتي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي. ان حوالي سان وزيراعظم چيو ته اپري?? 2024ع ۾ مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي تاريخي دوري دوران ٻنهي ملڪن پاران گڏيل ??ور تي ڪيل فيصلن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون تي ٻڌل حصيداري جو هڪ بهترين بنياد رکيو هو. ايران جي نئين چونڊيل ??در پيز شڪيان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي مبارڪباد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ويجهي رابطي ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. اها ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتن ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ان جي گڏيل ??زم جي عڪاسي ڪري ٿي.
وزيراعظم جي ايران جي نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه، صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر