اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ جي جيمز اي???? جيولري سيڪٽر جي ترقي تي ڌ??ان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ويليو ايڊيڊ مصنوعات جي برآمد سان پاڪستان کي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. اي??ان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ جيمز اي???? جيولري سيڪٽر جي ترقي جي حوالي سان اي??ان صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران ڪيو. پاڪستان جيمز اي???? جيولري ڊيولپمينٽ ڪمپني (پي جي جي ڊي سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر محمد عالمگير چوڌري ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عالمي جواهرات ۽ زيورن جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ پاڪستان جي قيمتي پٿرن جي مصنوعات جي بهتر مارڪيٽنگ ۽ تشهير جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي جواهرات ۽ زيورن جي شعبي ۾ ترقي جي وڏي صلاحيت آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ جيمز ۽ جيولري جي شعبي مان ڀرپور فائدو ک??ڻو پوندو، جيمز اي???? جيولري ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ غيرملڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري سان ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ، مقامي آبادي جي لاءِ روزگار جا موقعا کولڻ ۾ مدد ملندي. آصف علي زرداري جواهرات ۽ جيولري جي شعبي ۾ تنوع آڻڻ ۽ صنعتن جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته مقامي افرادي قوت جي تربيت ۽ هنرمندي ۾ اضافي تي ڌ??ان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته مليڪ جواهرات ۽ جيولري جي شعبي جي ترقي تي ڌ??ان ڏيڻو پوندو، قابل قدر مصنوعات جي برآمدات سان پاڪستان قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. پي جي جي ڊي سي جي سي اي او اجلاس ک?? جيمز اي???? جيولري سيڪٽر جي ترقي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان بابت آگاهه ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مختلف چئلينجز ۽ موقعن کي اجاگر ڪيو.
ويليو ايڊيڊ مصنوعات جي برآمد سان پاڪستان کي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ