ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ابوظهبي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاريخي جڳهه وحت الڪرامه جو دورو ڪيو. وحت الڪرامه گڏيل عرب ام??رات جي انهن هيروز جي قربانين جي ياد ۾ تعمير ڪيو ويو آهي جن پنهنجي ملڪ ??ي خدمت ۾ پنهنجون جانيون نڇاور ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب ام??رات پريزيڊنٽ ڪورٽ ۾ شهيدن جي خاندانن جي معاملن و??ري آفيس جي چيئرمين شيخ طيب بن محمد بن زيدالنهيان نگران و??يراعظم جو استقبال ڪيو. نگران و??يراعظم گارڊ آف آرنر جي پروقار تقريب ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ نگران و??يراعظم شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. اها يادگار گڏيل عرب ام??رات جي قيادت، عوام ۽ بهادر فوجين جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جي علامت آهي ۽ 31 پينلز تي ٻڌل آه??. ن??ران و??يراعظم وحت الڪرامه جو تفصيلي دورو ڪيو جتي کيس يادگار بابت بريفنگ ڏني وئي. دوري جي پڄاڻي تي نگران و??يراعظم مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر نوٽ ڪيا، جنهن ۾ گڏيل عرب ام??رات جي بهادر شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. وحت الڪرامه گڏيل عرب ام??رات جي گادي واري شهر ابوظهبي ۾ هڪ قومي ۽ ثقافتي نشان آهي، جيڪو گڏيل عرب ام??رات جي شهيدنجي بهادراڻي قدمن ۽ يو اي اي جي دفاع ۾ انهن جي قربانين جي ياد ۾ قائم ڪيو ويو هو.
نگران وزيراعظم جو ابوظهبي ۾ قومي ۽ ثقافتي تاريخي جڳهه وحت الڪرامه جو دورو
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون