اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ پنج هزار رپين جي ڪرنسي نوٽ تي پابندي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اهڙي قسم جي جعلي نوٽيفڪيشن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير بظاهر فن??نس ڊويزن جي انٽرنل فن??نس ونگ جي (جعلي) نوٽيفڪيشن جي ڪاپي جو حوالو ڏيندي چيو ته اهو نوٽيفڪيشن جعلي آ??ي، اهڙي قسم جي جعلي نوٽيفڪيشن پکيڙيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ٽوئيٽر هينڊلر ”فيڪٽ چيڪر“ پڻ ان نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏنو. ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ اطلاعات واري وزارت چيو ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوين آهي پر اها قوم جي توهين ب?? آهي، هر ڪنهن جي ذميواري آ??ي ته اهو اهڙي قسم جي غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪري.
سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ پنج هزار رپين جي ڪرنسي نوٽ تي پابندي جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جعلي آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات