اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ سڌارن کي ب??يٽ جو حصو بڻائڻ جو فيصلو ڪن??ي هدايت ڪئي آهي ته مهانگي درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪري مرحليوار متبادل ذريعن سان بجلي جا نوان منصوبا شروع ڪيا وڃن، بجلي جي لائيف لائين ۽ گهٽ کپت وارن صارفين تي بلن جو گهٽ کا?? گهٽ بار وڌو وڃي. هن اها هدايت توانائي شعبي جي حوالي سان ب??يٽ تجويزن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪن??ي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، انجنيئر خرم دستگير خان، مريم اورنگزيب، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، مملڪتي وزيرن ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، جهانزيب خان، ايف بي آر چيئرمين، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ ناليوارن صنعتڪارن اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي توانائي شعبي جي سڌارن ۽ ب??يٽ 24 – 2023ع ۾ ان حوالي سان شامل ڪيل منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي م??ڪ گير جاري سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي م??صوبي تي اڳڀرائي کا?? آگاهه ڪن??ي ٻڌايو ويو ته سرڪاري عمارتن جي سولرائيزيشن جي بڊنگ جا چار مرحلا مڪمل ٿي چڪا آهن جنهن کا??پوءِ ڪيترين ئي عمارتن کي شمسي توانائي تي م??تقل ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي برآمدي صنعتن کي بنا رڪاوٽ گئس ۽ بجلي فراهم ڪ??ڻ جي حوالي سان قدمن بابت پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم انهن قدمن کي حتمي شڪل ڏئي ب??يٽ ۾ شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ ب??يٽ ۾ لائين لاسز ۽ بجلي چوري جي خاتمي لاءِ موثر قدم شامل ڪيا وڃن، ايندڙ ب??يٽ ۾ ونڊ ۽ شمسي توانائي جا منصوبا شامل ڪيا وڃن، پاور ٽرانسميشن جي م??صوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي، لائين لاسز ۽ بجلي جي چوري جي خاتمي لاءِ ايندڙ ب??يٽ ۾ ٽرانسفارمر ميٽرنگ منصوبي کي شامل ڪيو وڃي، سڄي م??ڪ ۾ جاري سولرائيزيسن جي م??صوبن جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، برآمدي صنعتن جي ترجيحي بنيادن تي توانائي جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن، ب??يٽ ۾ پن بجلي جي جاري م??صوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي.
وزيراعظم پاران توانائي جي شعبي ۾ سڌارن کي بجيٽ جو حصو بڻائڻ جو فيصلو، مهانگي درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪري مرحليوار متبادل ذريعن سان بجلي جا نوان منصوبا شروع ڪيا وڃن: شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha