اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آهي ته ڀ??رت دنيا آڏو پاڻ کي جمهوري ۽ سيڪيولر ملڪ هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو پر اتي اقليتون محفوظ ناهن، ڀ??رت جو نام نهاد يوم جمهوريه اسان لاءِ ڪارو ڏهاڙو آهي. سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ۽ پاڪستاني اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏهاڙي طور ملهائ?? رهيا آهن. ڀ??رت جو نام نهاد يوم جمهوريه جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ڀ??رت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن هر اها قرباني ڏني جنهن جو مثال نٿو ملي. ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ لاءِ ڪشميرين پنهنجي ٽئين نسل قربان ڪري ڇڏي آهي، ڀ??رت گڏيل قومن ۾ ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جي پنهنجي ئي واعدي کان ڦر?? رهيو آهي. وزيراعظم آزاد ڪشمير چيو ته ڪشمير ڪنهن صورت ڀ??رت جو حصو ناهي ۽ نه ڪڏهن بڻجي سگهي ٿو. ڪشميري پاڻ کي پاڪستاني سمجهن ٿا ۽ پاڪستان جي تڪميل جي جنگ وڙه?? رهيا آهن. هندوستان جو مڪروه ۽ انسانيت جو قاتل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ٿيو آهي. ڀ??رت ڪشمير تي قبضو ڪري رکيو آهي. وزيراعظم چيو ته جمهوري ۽ سيڪولر ملڪ جي دعويٰ ڪندڙ هندوستان دنيا کي دوکو ڏيندڙ سڀني کان وڏو فراڊ آهي. ڀ??رت ڪشميري ماءُ، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻارن ??ي انسانيت سوز ظلم ڪيا. وزيراعظم چيو ته ڀ??رت پاڻ کي جمهوري ملڪ چورائڻ جي لائق ناهي، ست ڏهاڪن کان هندوستان پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم جو بازار گرم ڪيو آهي. والاريل ڪشمير جي مسلمانن کان علاوه ڀ??رت جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ماڻهو آزادي جي جنگ وڙه?? رهيا آهن. هندوستان ۾ اقليتن لاءِ ڪا جاءِ ناهي.
ڀارت جو نام نهاد جمهوريت جو ڏهاڙو اسان لاءِ ڪارو ڏهاڙو آهي: وزيراعظم آزاد ڪشمير
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں