اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان س??ڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته انصاف جو عمل تيز ۽ شفاف ??جڻ گهرجي، قبضا ختم ڪرائيندي وقت غريب ماڻهو کي متبادل ضرور فراهم ڪيو وڃي، آزاد ڪشمير ۾ سرڪاري زمين کي آجي ڪرائي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن، سياحت جي ??روغ لاءِ سهولتن س??ن گڏوگڏ ٻيلا اهم اهميت رکندڙ آهن. وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪشمير ڊولپمينٽ پيڪيج تي اعليٰ سط??ي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آزاد ڪشمير جي ??زيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي، آزاد ڪشمير جي ??اڻي واري وزير عبدالماجد خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪشمير ترقياتي پيڪيج ۾ تجويز ڪيل منصوبن ۽ انهن جي ??اڳت تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ ڪشمير ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ حڪومت پاران انتظامي معاملن جي حوالي سان سڌارن تي به آگاهه ڪيو ويو. ترقياتي پيڪيج ۾ اهم شاهراهن، پُلين ۽ سرنگهن جي تعمير شامل آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايوو ويو ته انفرااسٽرڪچر جي بهتري سان سياحت کي فروغ ملڻ سان گڏوگڏ آمدرفت ۾ آساني پيدا ٿيندي، پيڪيج ۾ شهري انتظامي معاملن جي حوالي سان به منصوبا شامل آهن، شهرن ۾ موجود گندڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳائڻ لاءِ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کنيا، ان شروعاتي مهينن ۾ نه رڳو قبضن جي خلاف ??ڏو آپريشن ڪيو پر 1200 ٽن گندڪچري کي ٺڪاڻي تي لڳايو ويو، توانائي جي شعبي سان گڏوگڏ پيڪيج ۾ سياحت کي خصوصي اهميت ڏني وئي آهي، سياحتي ماڳن جي ??شاندهي ڪري انهن کي شاهراهن س??ن جوڙيو ويندو. سياحتي ماڳن ۾ سڪي ريسارٽ بڻائڻ لاءِ به جڳهه جي ??شاندهي ٿي چڪي آهي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پيڪيج ۾ بنيادي صحت جي سهولتن جي بهتري ۽ تعليم جي شعبي لاءِ به هڪ وڏي رقم رکي وئي آهي، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بنيادي سهولتن جي ??راههمي به پيڪيج جو حصو هوندي.پيڪيج ۾ صنعتي ترقي ۽ ماحوليات جي درستگي لاءِ به وڏا منصوبا شامل آهن، ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي سماجي تحفظ جي ??نصوبن، صحت ڪارڊ، نوجوانن لاءِ روزگار، هارين جي ??دد ۽ گهٽ لاڳت رهائش حاصل ڪرڻ جي دائري ڪارکي وسيع ڪري ڪشمير کي ان ۾ شامل ڪيو ويندو. وزيراعظم سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته انصاف جو عمل تيز ۽ شفاف ??جڻ گهرجي. قبضا هٽائيندي وقت غريب ماڻهو کي متبادل ضرور فراهم ڪيو وڃي، اسلام آباد جي ??اڊل تي به ريڙهي وارن جي ??شاندهي ڪيل علائقن ۾ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته سرڪاري زمين کي آجي ڪرائي ان تي ٻيلا پوکيا وڃن، سياحت جي ??روغ لاءِ سهولتن س??ن گڏوگڏ ٻيلا اهم اهميت رکندڙ آهن.
وزيراعظم پاران سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ ۽ احتساب جي عمل کي تيز ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará