اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شهرين جي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو آ??ي، وزيراعظم 2549 ادارن جي جزوي طور تي حل ٿيل شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏنو آ??ي. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ان ??لس??ي ۾ 83 هزار 741 شڪايتن کي ٻيهر کولي مجاز آفيسرن کي ضروري ڪارروائي جي لاءِ تفويض ڪيون وينديون. ڄاڻايل سمورين شڪايتن ۾ شهرين کي جزوي ريليف جو ا??ار?? ڏنو ويو هو. پي ايم ڊي يو چيو آ??ي ته 773 وفاقي ادارن جون 43 هزار 351 شڪايتون کوليون وينديون جڏهن ته صوبائي حڪومتن جي 2450 ادارن جون 40 هزار 415 شڪايتون ٻيهر تفويض ڪيون وينديون. پي ايم ڊي يو چيو آ??ي ته وفاقي سطح تي سڀ کان وڌيڪ 3181 شڪايتون آئيسڪو جون کوليون وينديون جڏهن ته صوبائي سطح تي پنجاب ۾ هاءِ وي جون 1606، خيبرپختونخواهه ۾ پي ڊي اي جون 412، سنڌ ۾ ڪي ڊبليو ايس پي جون 874 ۽ بل??چستان ۾ سيڪنڊري ايجوڪيشن جون 130 شڪايتون سرفهرست آهن. پي ايم ڊي يو چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ عوامي شڪايتن جو هر ممڪن حل يقيني بڻايو ويندو.
وزيراعظم پاران شهرين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ وڏو فيصلو، 2549 ادارن جي جزوي طور تي حل ٿيل شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر