اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) م??سم??اتي تبديلي واري وفاقي وزير زرتاج گل چيو آهي ته گڏيل قومن جي م??سم??اتي تبديلي بابت فريم ور?? ڪنوينشن پاڪستان جي گرين هائوس گئسن جي اخراج بابت ڊيٽا کي سائنسي لحاظ کان ڀارت جي مقابلي ۾ وڌيڪ قابل اعتبار قرار ڏنو آهي، م??سم??اتي تبديلين جو سبب بڻ??ند?? گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي جي م??سم??اتي تبديلين بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌائي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس قومي اسيمبلي جي ميمبر منزه حسن جي صدارت ۾ ٿيو. زرتاج گل چيو ته پاڪستان پنهنجي محد??د وسيلن ۽ گڏيل قومن جي م??سم??اتي تبديلين بابت فريم ور?? ڪنوينشن جي مدد کانسواءِ آلودگي جو سبب بڻ??ند?? گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪڻ جا ٺوس قدم کڻي رهيو آهي، هن چيو ته پاڪستان 1994ع کان گڏيل قومن جي م??سم??اتي تبديلين بابت فريم ور?? ڪنوينشن جو ميمبر آهي، جنهن اسرندڙ ملڪن کي گرين هائوس گئسن جي اخرا?? ۾ ??هٽتائي آڻڻ جي سلسلي ۾ مالي مدد، ٽيڪنالاجي ٽرانسفر ۽ سگهه وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، مملڪتي وزير چيو ته گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي، پر ان جي باوجود م??سم??اتي تبديلين جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون.
موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هئڻ جي برابر آهي: زرتاج گل
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے