اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي جائز حق، خودمختي??ري وارو حق حاصل ٿيڻ تائين انهن جي حمايت ج??ري رکندو، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي، ڄمون قتل عام جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ??ه 6 نومبر ڄمون ۽ ڪسمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن سال پهرين، راشٽريه سويم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) جي حامي ڊوگره فوج ۽ ڀارتي قابض فوج جنگ عظيم کانپوءِ پهرين وڏي نسل ڪشي ۾ ان خطي جي مسلمان آبادي کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي غرض سان منظم طريقي سان 237000 کان وڌيڪ مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو هو، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀار?? جي غير قانوني ?? يڪطرفو قدم به ڄمون جي قتل عام جو افسوسناڪ تسلسل آهي، ڇو ته ان جو مقصد به والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سراسري خلاف ورزي آهي،
عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : جیتنے والی لاٹری