اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 545 مريضن جا ??يس?? مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 31 هزار 808 ڪورونا جا ??يس?? ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 13 هزار 314، پنجاب ۾ 11 هزار 409، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 435، اسلام آباد 3 هزار 52، بلوچستان 656، گلگت بلتسان ۾ 753 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 455 ??يس?? شامل آهن. ه??ست??ئين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 91 هزار 169 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز ??ي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز ??ي 102 ڪورونا جا مريض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 66 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada