هري پور – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي ترقي يافته بڻائڻ جي ل??ءِ قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال جي خواب جي عملي تعبير جي ل??ءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ملڪي ترقي جي ل??ءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، خصوصي اقتصادي زون سان ملڪي معيشت کي فروغ ملندو، نوجوان اس??ن جو اثاثو آهن، اس??ن جي ڪوشش هوندي ته وڌيڪ وسيلا تعليم جي بهتري تي لڳايون. اه??ن خيالن جو اظهار هن هري پور ۾ پاڪ آسٽريا فيڪوچ شول انسٽيٽيوٽ آف اپلائيڊ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته انس??ن جو ڪم ڪوشش ڪرڻ آهي، ڪاميابي الله جي ذات ڏيندي اهي، اسان ۾ هر شعبي ۾ اڳتي وڌڻ جي صلاحيت آهي اسان کي پنهنجي سوچ بهتر ڪرڻي پوندي آهي، هن چيو ته ملڪ کي ترقي يافته ب??ائڻ جي ل??ءِ قائداعظم جي ويزن ۽ علامه اقبال جي خواب جي عملي تعبير جي ل??ءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته اسان کي پنهنجي ذهنن کي آزاد ڪندي ترقي جو رستو اختيار ڪرڻو آهي، وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جي ل??ءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
ملڪي ترقي جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌڻ وقت جي اهم ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea