اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ 200 ارب ر??ين جي رليف پئڪيج ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال کان سخت متاثر ٿيندڙ مزدورن ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ 75 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان قدم سان وڌيڪ 60 لک خا??دانن کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملن??ي، اجلاس ۾ بلوچستان حڪومت جي 19 منصوبن جي لاءِ 606 ملين ۽ فرنٽيئر ڪور بلوچستان (نارٿ) جي لاءِ 7 ملين ر??ين سميت ڪيترين ئي ضمني گرانٽس جي منظوري ڏئي وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔