اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قانونن تي عملدرآمد ۽ عوام کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ آئيني ادارن جي وچ ۾ جامع رابطا ض??وري آهن، سينيٽ بينچ ۽ بار جي وچ ۾ هم آهنگي جي فروغ سان ??ڏوگڏ عدالتي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته جيئن انصاف جي فوري فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر راجا امين منهاس جي سربراهي ۾ وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ??الهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی