تهران _14 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران ”ڪوثر“ ۽ ”هدهد“ نالي ٻه سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ لاءِ روس روانو ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ايران پنهنجا مقامي تيار ڪيل اعليٰ ريزروليوشن تصوير ڪڍڻ جي صلاحيت رکندڙ ڪوثر سيٽلائٽ ۽ سمارٽ او??ارن لاءِ مواصلاتي خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيل هدهد سيٽلائيٽ کي خلا ۾ موڪلڻ لاءِ روس روانو ڪري ڇڏي?? آهي. پرائيوٽ ڪم??ني جي تيار ڪيل سيٽلائيٽ جي لانچ جي تاريخن بابت ڪا معلومات فراهم ناهي ڪئي وئي پر ٻين تفصيلن مطابق ڪوثر سيٽلائيٽ جي تياري 2019 ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي. اهو سيٽلائيٽ اعليٰ ريزوليوشن تصويرون ڪڍڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ان سان زراعت، قدرتي وسيلن، ماحوليات ۽ بحران انتطاميه جهڙن شعبن ۾ استعمال لاءِ ڊيزائن ڪيو وي?? آهي. هدهد سيٽلائيٽ هڪ ننڍو ٽيلي ڪم??ونيڪيشن سيٽلائٽ آهي جنهن کي زميني رابطن واري ڏورانهن وارن علائقن ۾ سيٽلائيٽ ڪم??ونيڪشن نيٽ ورڪ ۽ سمارٽ او??ان لاءِ مواصلاتي خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو وي?? آهي. روس 2022ع ۾ ۽ هلندڙ سال فيبروري مهيني ۾ ايراني سيٽلائيٽ مدار ۾ موڪليا هئا. ٻنهي ملڪن وچ ۾ خلائي شعبي ۾ وڌندڙ ان سهڪار آمريڪي اختيارين کي ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏي?? آهي.
ايران ”ڪوثر“ ۽ ”هدهد“ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪلڻ لاءِ روس روانو ڪري ڇڏيا
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada