گڏيل قومون _ 31 مئي (اي پي پي ) پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ اسلامي ملڪن جي نمائندگ?? ڪندي مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي خدمتن خاص طورتي فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ ۽ بيت المقدس جي تحفظ لاءِ او آئي سي جي ڪوششن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي . گڏيل قومن جي 193 رکني جنرل اسيمبلي روايتي طورت?? ڪنهن به ان ??المي اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ سيٽ جو اهتمام ڪندي آهي ، جيڪو پنهنجي موت جي وقت رياست جي سربراهه جي عهدي تي م??رر هوندو آهي . جنرل اسيمبلي جي ان ??يٽ تي پاڪستان جي سفير منير اڪرام چيو ته مرح??م صدر جي قيادت ، دانشمندي ۽ اتفاق رائي جي سياست جي بدولت ، او آئي سي جي ٻين اڳواڻن جي مسلسل حمايت سان ??نظيم عالمي امن ، سلامتي ، خوشحالي کي هٿي ڏيڻ سان مربوط ۽ موثر قوت بڻجي وئي آهي . جنرل اسيمبلي ۾ مرحوم ايراني صدر ابراهيم رئيسي کي خراج عقيدت پيش ڪندي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪرڻ بعد سندس خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو پر آمريڪا مرح??م صدر رئيسي تي انساني حقن جي خلاف ورزي جو الزام لڳائيندي ان ??قريب جو بائيڪاٽ ڪيو .
پاڪستان طرفان گڏيل قومن ۾ فلسطينين جي حق ۾ آواز اٿارڻ تي مرحوم ايراني صدر کي خراج عقيدت ، آمريڪا جو تقريب ۾ بائيڪاٽ
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ