واشنگٽن-20 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جنوري 2021ع ۾ ڪيپيٽل هل تي ??ملي ۾ ملوث هجڻ تي ??مريڪي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اڳوڻي صدر چيو آهي ته هو ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪندو. انڊپينڊنٽ اردو جي رپورٽ موجب اهو عدالتي ??ڪم جيڪو رڳو ڪولوراڊو پرائمري بي??ٽ تي لاڳو ٿئي ٿو، ڪولوراڊو جي عدالت پنهنجي فيصلي ۾ لکيو آهي ته پينل جي ميمبرن جي اڪثريت جو خيال آهي ته صدر ٽرمپ کي رياست جي آئين جي 14 هين ترميم جي سيڪشن ٽي تحت صدر جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو، فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نااهل قرار ڏيڻ کانپوءِ ڪولوراڊو سيڪريٽري آف اسٽيٽ ج?? چونڊ ضابطن تحت صدارتي پرائمري بي??ٽ تي اميدوار طور ڊونلڊ ٽرمپ جي داخلا غلط هوندي. عدالتي ??ڪم موجب ڊونلڊ ٽرمپ 4 جنوري 2024ع تائين ان فيصلي خلاف آمريڪي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪري سگهي ٿو، ڊونلڊ ٽرمپ ج?? چونڊ مهم جي ترجمان اسٽيون چيونگ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان جلد ئي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪنداسين ۽ ان شديد غير جمهوري فيصلي کي روڪڻ لاءِ گڏجي درخواست داخل ڪنداسين. هن ڪيس جو فيصلو ڪندڙ ججن تي ڊيموڪريٽس جا مقرر ڪيل هجڻ جو الزام لڳايو. هن چيو ته ڊيموڪريٽ پارٽي جي اڳواڻ ڊونلڊ ٽرمپ ج?? چونڊ ۾ وڌندڙ مقبوليت سبب مايوسي جي حالت ۾ آهي، ان فيصلي تي ??ينئر ريپبلڪن اڳواڻن طرفان تنقيد به ڪئي وئي جنهن ۾ 2016ع ج?? چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو مخالف سينيٽر مارڪورو بيو به شامل آهي، 2024ع جي صدارت?? چونڊن ۾ نامزدگي جي ڊور ۾ شامل وويڪ راما سوامي ان کي سياسي مخالفن کي خاموش ڪرڻ لاءِ چونڊ مداخلت جو حربو قرار ڏنو. هن هڪ بيان ۾ چيو ته هي فيصلو جمهوريت تي ??ملو آهي.
آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي سپريم ڪورٽ ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪيپيٽل هل تي حملي ۾ ملوث هجڻ تي صدارت لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا