گڏيل قومون-11 ڊسمبر (اي پي پي) غزه ۾ شهري آبادي جي سنگين صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ اڱاري تي منجهند جو ٿيندو. جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس هڪ بيان ۾ چيو آ??ي ته اسيمبلي ۾ اجلاس اڱاري تي نيويارڪ جي وقت مطابق منهجند 03 وڳي ٿيندو. ميمبر ملڪن ڏانهن لکيل خط ۾ صدر ڊينس فرانسس چيو آ??ي ته هي اجلاس مصر، موريطانيا، عرب گروپ جي سربراهن ۽ اسلامي سهڪار تنظيم جي گذارش تي سڏايو ويو آهي.هن چيو ته اجلاس جي درخواست ۾ مصر ۽ موريطانيا غزه پٽي ۾ فلسطيني شهري آبادي جي سنگين صورتحال جو حوالو ڏنو آهي. الجزيره جي رپورٽ مطابق ان کان اڳ گڏيل قومن لاءِ مصر جي مشن ٺهراءَ جي م??ود?? جو متن ميمبر ملڪن جي نمائندن ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن لاءِ مصر جي نمائندي اسامه عبدالخالق ايلس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آ??ي ته اها خونريزي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. جنرل اسيمبلي جي ٺهراءَ جي م??ود?? ۾ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءِ جهڙي ئي ٻولي استعمال ڪئي وئي آهي جنهن کي آمريڪا جمعي تي ويٽو ڪري ڇڏيو هو ۽ ان تي اڄ اڱاري تي ووٽنگ جو امڪان آهي. 193 م??مبرن جي جنرل اسيمبلي 27 آڪٽوبر تي به انساني همدردي جي بنياد تي فوري ۽ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪيو هو.
غزه صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania