بڊاپسٽ – 08 ڊسمبر (اي پي پي) هنگري جي مرڪزي ۽ اولهه وارن علائقن ۾ شديد برفباري سبب زندگي جو ڪاروهنوار درهم برهم ٿي ويو ۽ روڊن، ريلوي لائنن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ م??اثر ٿي. هنگري جي ڊيزاسٽر منيجمنٽ ب??بت نيشنل ڊائريڪٽوريٽ جنرل ٻڌايو ته شديد برفباري سبب وڻ ڪرڻ سبب ڪيترن ئي رستن تي اچ وڃ بند ٿي وئي ۽ گاڏيون ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين برف ۾ ڦاٿل رهيون. ڪمپني ايم اي وي چيو آهي ته ملڪ جي اولهه ۽ اتر اوڀر وارن علائقن ۾ ٽرينن جي اچ وڃ پڻ متاثر ٿي آهي. ان صورتحال ۾ ٽرينن ۽ بسن جي مسافرن کي شديد ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. رپورٽ مطابق گ??دي واري شهر فرينڪ لزٽ بين الاقوامي هوائي اڏي تي اڏامن جي اچ وڃ ۾ معمولي دير ٿي سگهي ٿي. اختيارين مطابق گ??دي واري شهر سميت متاثر علائقن ۾ امد??دي ڪاروائيون جاري آهن.
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil