گڏيل قومون -06 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سمورن وڏن ادارن جي سربراهن غزه ۾ شهرين جي فوتگين تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. فرانس جي خابرو اداري مطابق گڏيل بيان ۾ گڏيل قومن جي انهن ادارن جي سربراهن اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ وي??هه ۾ انساني بنيادن تي فو??ي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته گهڻو ٿيو هاڻي ان جنگ کي بند ٿيڻ گهرجي، ي??ني??يف، ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن سميت 18 ادارن جي سربراهن جنگ جي شروعات کان پوءِ ٻنهي پاسن ۾ ٿيل وڏي نقصان کي بيان ڪيو آهي. واضح رهي ته حماس جي انتظام هيٺ صحت واري وزارت مطابق اسرائيل جي غزه ۾ جوابي حملن هن وقت تائين مجموعي طور تي 9 هزار 770 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔