ابوظهب??- 22 جون (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي الامارات ايئر لائين سعودي عرب لاءِ اضافي حج ا??امون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري موجب هلندڙ هفتي جي پڄاڻي کانپوءِ حج سيزن جي آغاز سان گڏ ئي ڪمپني اعلان ڪيو ته هو مڪي شريف ۽ جده لاءِ اڏامن جي تعداد ۾ اضافو ڪندي. ايئر لائين هڪ بيان ۾ چيو ته ان دوران مديني شريف لاءِ روزاني اڏامون هلايون وي??ديون. فضائي ڪمپني جده لاءِ ٻطرفي 10 اڏامن جو اضافو ڪيو آهي ۽ ان روٽ تي 7 جولاءِ تائين بوئنگ 777 جون اڏامون هلايون وي??ديون. جده لاءِ حج ا??امون الامارات ايئر لائين جي سعوي عرب لاءِ موجوده شيڊول موجب هلنديون، ان ۾ چيو وي?? آ??ي ته اضافي اڏامون انهن مسافرن لاءِ آهن جن وٽ ڪارآمد حج ويزا آهي. انهن جي عمر 12 سال کان وڌيڪ هجي ۽ مسافرن ڪووڊ – 19 کان بچاءُ جي ويڪسين لڳرائي رکي هجي. الامارات پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش، انڊونيشيا، ٿائيلينڊ، سيني گال، آئيوري ڪوسٽ، ماريشس ۽ ڏکڻ آفريقا کان سعودي عرب لاءِ حج ا??امون هلائي رهي آهي. دبئي کان ايندڙ حاجي سڳورن لاءِ هوائي اڏي تي هڪ ٽيم چيڪ اِن جو انتظام ڪندي ۽ رسمي ڪ??رروائي ۾ مدد ڪندي. ايئر لائين جو چوڻ آ??ي ته دبئي کان گذرندڙ مسافرن کي به انهن جي آمد جي دروازي کان روانگي جي دروازي تائين وٺي وڃبو ۽ حج ٽيم طرفان آمد جي سموري رسمي ڪ??رروائي مڪمل ڪئي وي??دي. الامارات جو چون آ??ي ته سندس حج ا??امن ۾ سوار ٿيندڙ مسافرن کي انهن جي عقيدي جي قدرن ۽ روايتن موجب وضو جي سهولت، بنا خوشبوءِ وارا توليا ۽ اضافي ڪمبل فراهم ڪيا وي??دا ۽ جهازن جي الميقات زون ۾ داخل ٿيڻ جا اعلان ڪيا وي??دا ته جيئن حاجي سڳورا حج احرام ٻڌي سگهن. مسافر 5 ليٽر تائين آب زم زم چيڪ ان ڪري سگهندا، جنهن جي باري ۾ چيو وي?? آ??ي ته ان کي ڪ??رگو هولڊ ۾ خصوصي خانن ۾ رکيو وي??دو، عيدالاضحيٰ جي 6 ڏينهن جي موڪلن دوران طلب کي پورو ڪرڻ لاءِ وچ اوڀر جي مقبول ماڳن تي 34 اڏامن جو اضافو ڪيو وي?? آهي. جي سي سي جي ملڪن ۾ فضائي ڪمپني 21 کان 25 جون تائين الدمام لاءِ پنج ا??امون ۽ 22 جون کان 2 جولاءِ تائين ڪويت لاءِ 9 اضافي اڏامون هلائيندي، ايئر لائين عيدالاضحيٰ جي جشن موجب کاڌي جا آپشنز به پيش ڪندي.
الامارات ايئر لائين پاران سعودي عرب لاءِ اضافي حج اڏامون هلائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری